اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراعظم شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي قطري قيادت پاران مبارڪباد جو پيغام پهچايو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي قطر جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف قطري قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي قطري سفير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي وزيراعظم ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي شعبن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم افغان امن ۾ سهولتڪار طور قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ قطر افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. قطر نار ملڪن ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جو گهر آهي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ عقيدي ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن يت ويجهو تعاون ڪن ٿا.
متعلقہ مضامین
-
Govt to ease lock-down restrictions gradually; Tiger Force volunteers to help implement SOPs: PM
-
Increasing number of COVID-19 patients shows govt’s incompetence: PPP leader
-
Coronavirus lockdown: NADRA reopens offices nationwide
-
NAB summons Shehbaz again on June 2 after ‘dissatisfactory’ response in probe
-
Pakistan, Bahrain agree to continue consultations on regional issues
-
Pakistan, Bahrain agree to continue consultations on regional issues
-
Pakistan, Bahrain agree to continue consultations on regional issues
-
Inquiry body formed to investigate death of retired doctor due to COVID-19
-
Punjab to provide financial help to artists amid coronavirus lockdown
-
3 more quarantine centres established at Torkham,Taftan, Chaman borders
-
Pakistan rejects India’s baseless contention on elections in GB
-
CM Buzdar slams opposition for politicising coronavirus issue