اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مون کي پاڪستان جو آئين ڇوٽ ڏي ٿو پر آئون ڇوٽ نه ٿو وٺڻ چاهيان، پاڪستان جي آئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي، ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهن ٿا ۽ ان دوران گواهه لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا، ڪاغذ وڃائجي وڃن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي وڃن ٿيون، آئون سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا وقت تي ٿين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ڇوٽ نه وٺندي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيو. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج محمد علي وڙائچ ٻڌڻي ڪئي. صدر 2016ع جي پنهنجي خلاف هٿيارن واري ڪيس ۾ عدالت ۾ حاضرو ٿيو. صدر صدارتي ڇوٽ نه وٺي عدالت آڏو پيش ٿيڻ جي درخواست ڪئي هئي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهيرالدين بابر اعواڻ وڪيل طور عدالت ۾ پيش ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بابر اعواڻ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ هڪ مثال قائم ڪرڻ چاهيان ٿو. آئون صدارتي ڇوٽ ختم ڪرائڻ چاهيان ٿو ان لاءِ پيش ٿيس. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ سڀ عدالتن جو احترام ڪن. جيستائين امير غريب سڀ برابر نه ٿيندا انصاف نه ٿيندو. آئون سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا وقت تي ٿين. هتي ڪيس نسلن سان گڏ هلندا رهن ٿا. صدر چيو ته ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهندا آهن، ان دوران گواهه مري وڃن ٿا، ڪاغذ وڃائجي وڃن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي وڃن ٿيون. مون اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيترا خليفا آيا اهي عدالتن ۾ وڏي باوقار انداز سان پيش ٿيا، ڇوٽ جي گنجائش نه آهي، پاڪستان جي آئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي. مون کي پاڪستان جو آئين ڇوٽ ڏي ٿو پر آئون اها ڇوٽ وٺڻ نه ٿو چاهيان. 2016ع ۾ مون تي الزام هنيو ويو هو، انهي عدالت کان ضمانت به ورتي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي گاڏي پاڻ هلائي عدالت مان واپس روانو ٿيو. صدر جي اچڻ کان اڳ ڪا اضافي سيڪيورٽي، نفري يا روٽ نه لڳايو ويو.
متعلقہ مضامین
-
Buzdar inspects Ehsaas Kafalat programme distribution points
-
Five policemen test positive for COVID-19 in Lahore
-
WDF demands immediate provision of PPE to all healthcare workers
-
CAA has permitted ‘Flydubai’ for a special flight from Dubai-Faislabad
-
PM Imran extends lockdown for the next two weeks
-
Governor Sindh reviews lockdown situation in Thatta
-
PM Imran extends lockdown for the next two weeks
-
Governor inaugurates Punjab Mental Health Helpline at GCU
-
AJK president suggests quarantine facility for Kashmiri expats in Islamabad
-
IHC bans entry of irrelevant persons in court premises
-
Ehsaas programme a political drama: PPP leader
-
Ulema announce resumption of congregational prayers at mosques