اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل سال جي حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان شهرين جي ٻيهر شڪايتن تي 2 لک 29 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، شڪايتن کي نظرثاني جي لاءِ مجاز اعليٰ آفيسرن جي حوالي ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته صوبائي سطح تي نظرثاني جي نگراني لاڳاپيل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪن ۽ وفاقي سطح تي لاڳاپيل وزارت جا سيڪريٽري شڪايتن تي نظرثاني جا ذميوار هوندا. وزيراعظم وفاقي ادارن جي ڪل هڪ لک 7 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي جڏهن ته صوبائي سطح تي 80 هزار شڪايتون پنجاب حڪومت جي ماتحت ادارن جون آهن. وزيراعظم آفيس پاران اهو به ٻڌايو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي ماتحت ادارن جي 27 هزار شڪايتن کي کوليو ويندو ۽ سنڌ صوبي جي 15 هزار، بلوچستان جي 3 هزار، آزاد ڪشمير جي 1100 شڪايتن تي نظرثاني ٿيندي، گلگت بلتستان ۾ 400 شڪايتن کي ٻيهر کوليو ويندو، شڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گئس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي بابت آهن، وزيراعظم آفيس جي هدايت ۾ چيو ويو آهي ته شڪايتن تي نظرثاني ڪري لاڳاپيل اعليٰ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائين.
متعلقہ مضامین
-
Dr Mirza meets Rehman Malik, discusses status of coronavirus
-
UMT producing top quality business leaders, academic scholars: Ibrahim Murad
-
Courts to remain functional, decides CJP Gulzar Ahmed
-
Justice Waqar approaches JCP over not being elevated to SC
-
All resources to be utilized to protect people, economy: PM
-
Unified educational system to equip students to cope with modern day’s challenges: Imran
-
Army in action from day one to combat coronavirus: ISPR
-
Unified educational system to equip students to cope with modern day’s challenges: Imran
-
‘RAW’ terrorist wing ringleader caught in Karachi
-
Iran’s death toll from coronavirus rises to 1,284
-
Iran’s death toll from coronavirus rises to 1,284
-
Two policemen martyred in Orakzai firing incident