ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلمان امت جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي کانسواءِ فڪري ۽ سائبر حملن سميت جديد جنگي محاذن تي موثر مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري اطلاع ۽ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڀرپور قومي تيارين تي زور ڏنو آهي. هن عراق ۾ آمريڪي مداخلت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران تازي مواصلاتي بندشن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته مسلمانن کي پنهنجي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي جيڪي دنيا ۾ سلامتي ۽ عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ ايترائي اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پي اي ايف ايئر وار ڪاليج کي انسٽيٽيوٽ جو درجو ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. جنوري 1959 تي ان اسٽاف ڪاليج جو ان وقت جي صدر محمد ايوب خان افتتاح ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جيڪو هن انسٽيٽيوٽ جو پهريون چانسلر آهي، تنهن معياري پيشيوراڻي تربيت ۽ تعليم سان گڏوگڏ اخلاقيات جي اهميت تي به زور ڏنو. ملڪ جي مضبوط دفاعي نظام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا ۾ دفاعي شعبي ۾ ڪنهن به اڳڀرائي تي پورو لهندي آهي. هن دفاعي تعليم ۽ تربيتي انسٽيٽيوٽ جي صلاحيت ۾ اضافي سان گڏوگڏ جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجيز سان پاڻ کي ليس ڪيو آهي جنهن سان کيس بهترين دفاعي حڪمت عملين کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
متعلقہ مضامین
-
Captain (r) Safdar not arrested despite court’s verdict
-
Sattar alleges that efforts being made to keep people from voting
-
FIA takes Zardari’s aide Lawai in physical remand till July 11
-
Was told an example will be made out of me for challenging Khalai Makhlooq: Maryam Nawaz
-
COAS visits under construction Zalam Kot Tunnel in Malakand
-
PPP supports secularism and diversity in society: former minister Sardar Shah
-
Sharifs ready to challenge Avenfield verdict in IHC
-
Candidates in race to win sympathies of voters in Umerkot
-
Candidates in race to win sympathies of voters in Umerkot
-
Hussain Lawai remanded in FIA custody
-
PPP, PML-N conned people in the name of CoD: Imran
-
PPP, PML-N conned people in the name of CoD: Imran