اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 245 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته 40 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 39 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان لاهور ۾ 35 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو، پشاور ۾ 26 سيڪڙو، ملتان ۾ 25 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان گجرات ۾ 61 سيڪڙو، پشاور ۾ 37 سيڪڙو، ملتان ۾ 24 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو تعداد 24 هزار 139 آهي. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 34 هزار 775 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 863، پنجاب ۾ 12 هزار 49، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 430، اسلام آباد ۾ 3 هزار 456، بلوچستان ۾ 725، گلگت بلتستان ۾ 467، آزاد ڪشمير ۾ 764 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 31 هزار 840 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 241 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 68 هزار 506 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 673، بلوچستان ۾ 18 هزار 967، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 947، اسلام آباد ۾ 43 هزار 145، خيبرپختونخواهه ۾ 70 هزار 493، پنجاب ۾ 1 لک 66 هزار 242 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 55 هزار 39 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 527 آهي.
متعلقہ مضامین
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
Bilawal will become PM in 2018, claims Khursheed
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
Faruqui inaugurates speedy complaint redressal mechanism
-
SBP maintains interest rate at 5.75 percent
-
Indus Hospital commemorates World Diabetes Day
-
Will topple govt if demands not met, PPP warns PML-N
-
Two guards killed in Pasni attack on gas company vehicle