اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان موٽر ويز تي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ سونپيندي موٽر ويز تي سيڪيورٽي ۽ سرويلنس لاءِ موٽر بائيڪ سروس جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مواصلات واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير عبدالعليم آءِ جي موٽر ويز پوليس کي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته موٽر وي تي هڪ ئي وقت 30 کان 35 موٽربائيڪس کي مختلف سيڪٽرز ۾ پيٽرولنگ ڪندي رهڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ موٽر وي پوليس پنهنجي وسيلن مان بائيڪ سروس شروع ڪري جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، موٽر وي پوليس، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ ضلعي پوليس گڏيل قدمن کي يقيني بڻائي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته موٽر وي جي پاسن کان حفاظتي بند جي تار جي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. وفاقي وزير موٽر وي پوليس جي اختيارن لاءِ قانونسازي ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي.هن چيو ته شهرين جي حفاظت لاءِ موٽر وي پوليس کي وڌ کان وڌ ذميواري وٺڻي پوندي. هن هدايت ڪئي ته اهڙو ميڪنزم اختيار ڪيو وڃي ته موٽر وي تي سفر کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائي سگهجي. موٽر وي تي جتي ڏوهه ۽ حفاظتي بند جي تار چوري جا واقعا وڌيڪ آهن انهن جي نشاندهي ڪريو. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته جنهن علائقي ۾ حفاظتي بند جي تار چوري ٿيندي، اتان جو اين ايڇ اي آفيسر ۽ موٽر وي پوليس ذميواري ٿيندي، جن ايرياز ۾ حفاظتي بند جي تار ٽٽي چڪي آهي يا چوري ٿي وئي آهي، اتي نئين حفاظتي بند واري تار جو بندوبست ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته آءِ جي موٽر وي مقامي پوليس سان گڏ حفاظتي بند واري تار چوري جي ڪيسن جي مڪمل پيروي کي يقيني بڻائي، وفاقي وزير مواصلات واري سيڪريٽري کي هڪ هفتي ۾ جامع قدمن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
PM Imran felicitates Dr Sania over listing of Ehsaas programme in WB’s list
-
Above 30 urged by NCOC to get vaccinated
-
NAB does not believe in victimization: Chairman NAB
-
PN ship reaches Karachi with healthcare equipment/supplies to handle COVID-19
-
Murree Road being illuminated by installing colorful lamps
-
Murree Road being illuminated by installing colorful lamps
-
Lok Virsa museums re-opens
-
Bilawal thanks health workers for vaccinating 31,000 on Eid days
-
Bilawal criticises Centre for ‘unfair’ distribution of water in country
-
Palestinian envoy praises Pak’s efforts to engage int’l community to protect Palestine
-
All efforts being made to ensure independence of judiciary: CJP
-
Pakistan reaffirms desire for broad-based partnership with US