اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه ايوان ۾ وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري تي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ايندڙ هفتي وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽريز ايوان ۾ موجود نه هوندا ته ايوان جي ڪارروائي نه هلائي ويندي. ڊپٽي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مصطفيٰ شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. تلاوت ڪلام پاڪ، حديث ۽ قومي تراني کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر سوالن واري وقفي جي شروعات ڪئي، اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ڪالهه وانگر اڄ به ايوان ۾ نه ته وزير موجود آهن ۽ نه ئي وفاقي پارلياماني سيڪريٽريز موجود آهن ته ميمبرن جي سوالن جا جواب ڪير ڏيندو جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته سوالن وارو وقفو ٻيهر شروع ڪيو ويو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اين سيد نويد قمر ٻيهر اهو ئي معاملو اٿاريو ته وفاقي وزير ۽ سيڪريٽرين جي غير حاضري ۾ سوالن وارو وقفو ڪيئن هلائي سگهجي ٿو. اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، ڊپٽي اسپيڪر رمارڪس ڏنا ته ان صورتحال بابت وزيراعظم کي خط لکي رهيا آهيون، هن ايجنڊا ملتوي ڪندي ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
متعلقہ مضامین
-
Omni Group’s AG Majeed to walk out of prison as IHC grants bail in last case
-
Govt fails to pass bills in PA as quorum collapses
-
Two suspects in MPA Shahnaz Ansari murder case sent on judicial remand
-
PIA suspends flight operation to Qatar till March 31
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
26 killed as bus plunges into ravine near Skardu
-
No case of Coronavirus in Punjab: Fayyazul Hassan Chohan
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
Three suspected terrorists arrested during Rangers’ operation in Karachi