اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پهرئين نشان حيدر حاصل ڪندڙ ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس شهادت جو ڏينهن سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستاني فوج جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز مطابق ڪيپٽن سرور شهيد جي 76 هين يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد 1948 جي جنگ جي جرئت ۽ بهادري جي مثال قائم ڪندي، شهادت جو درجو حاصل ڪيو، ڪيپٽن محمد سرور شهيد ڌرتي جي حفاظت کي پنهنجي جان تي فوقيت ڏئي ايندڙ نسلن لاءِ مادر وطن سان وفا جو لازوال مثال قائم ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جو ڏهاڙو سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان جي فوج جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني پاڪستاني فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندا آيا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن، مون سميت سڄي قوم کي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ سندن ڪٽنب ڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي قوم ملڪي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجا فرض ادا ڪندڙ پاڪستاني فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ بيٺل آهي.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Aman-21: the message resonates