اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏيڻو پوندو، ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جي فروغ جي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن ڊسپلي سينٽر قائم ڪري بهترين ڪوشش ڪئي آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن (DEMP) پاران قائم ڪيل پهرين ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن 2012ع ۾ ٻن ادارن جي انضمام سان قائم ٿيو، ڊائريڪٽوريٽ آف فلم پبلي ڪيشن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ موجود هو. هن چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن تمام ئي ناياب قسم جا ڪتاب ۽ تصويرون شايع ڪري رهيو آهي. هن اداري جون پبلي ڪيشنز قائداعظم جي مزار، شڪر پڙين، لوڪ ورثه ۽ عام مارڪيٽ ۾ پڻ دستياب آهن. هن چيو ته DEMP جا ڊسپلي سينٽر ٻين جاين تي پڻ قائم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ماڻهن ۾ پڙهڻ لکڻ ۽ تحقيق جو رجحان گهٽ ٿي رهيو آهي، هن اداري عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏنو، ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ DEMP جي پوري ٽيم تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ٿوري وقت ۾ ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو جنهن تي ان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته ڊسپلي سينٽر ۾ رکيل ڪتاب ۽ پبلي ڪيشنز اعليٰ معيار جون آهن. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جو فروغ لازمي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case
-
25 to 30 int’l standard hotels to be ready in two years: Zulfi Bukhari
-
25 to 30 int’l standard hotels to be ready in two years: Zulfi Bukhari
-
A Woman of Great Substance