ڪراچي – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال، بين المذاهب هم آهنگي ۽ ٻين موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد نگران وزيراعظم جو ڌيان ڪراچي ۾ حدبندي جي مسئلي ۽ پاڻي جي کوٽ جي پراڻي مسئلي طرف ڇڪرايو. وزيراعظم وفد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري پڻ موجود هو. ايم ڪيوا يم جي وفد ۾ فاروق ستار، سيد امين الحق، خواجه اظهارالحسن ۽ ٻيا شامل هئا.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan, Turkey, Azerbaijan to hold trilateral meeting today
-
Pakistan urges patience, perseverance in intra-Afghan negotiations process
-
NCOC advises people to be extra careful during ‘last stage’ of Covid-19 pandemic
-
Ministers who disagree with PTI policies must quit: PM
-
Corruption mafia in Sindh also devouring funds of heart patients: Haleem Adil
-
Mango encyclopedia gift for UAF from Oman king
-
School of stratgic studies
-
CICEC donates medical supplies to Pakistan to fight Covid-19
-
OICCI contributes Rs16bn to minimise coronavirus impact
-
Moin tells Chinese firm CEO of Pakistan’s intention to buy vaccine
-
PPP demands withdrawal of notification about Sindh’s hospitals
-
Augustine takes up interfaith policy with MPAs