ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي صلاحيتون رکندڙ رانديگر راند جي ميدان وانگر زندگي جي ٻين شعبن ۾ به جذبي ۽ لگن سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر ۽ خاتون اول سان ملاقات ڪئي. صدر ۽ خاتون اول خصوصي صلاحيتون رکندڙ ايٿليٽس کي برلن ۾ اسپيشل اولمپڪس ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته خصوصي صلاحيتون رکندڙ رانديگرن اسپيشل گيمز ۾ 80 کان تمغا کٽي ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. هن چيو ته خصوصي ٻار معاشري جا اهم ميمبر آهن، انهن کي ضروري هنر ۽ خصوصي تعليم ڏني وڃي. صدر چيو ته خصوصي ٻارن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ٺوس تعليم سان معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي ضرورتن بابت آگاهي وڌندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن کي خصوصي ضرورتون رکندڙ ٻارن جي حقن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان خصوصي ماڻهو مدد حاصل ڪري سگهن ٿا.
متعلقہ مضامین
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
CM Punjab meets Speaker of Punjab Assembly and acting governor
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
ATC issues non-bailable arrest warrants for Aleem Khan
-
ATC issues non-bailable arrest warrants for Aleem Khan