ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ به آئين جي پاسداري آهي، نفرت ۽ ورڇ جي سياست جو خاتمو ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف رڳو پيپلزپارٽي ڏياري سگهي ٿي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ جي تاريخي تقرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته نئين رياست ۾ سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ۽ مذهبي آزادي حاصل هوندي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري اقليتن جي قومي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پيپلزپارٽي اقليتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ جي حوالي سان سدائين عادلاڻو قابل عمل موقف اختيار ڪيو، 1973ع جو آئين پيپلزپارٽي جي موقف جو هڪ واضح مثال آهي، جيڪو سمورن اقليتن کي هڪ جهڙن حقن جي ضمانت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور جي دوران اقليتن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا. بينظير ڀٽو اقليتن جي لاءِ جيڪي انقلابي قدم کنيا انهن ۾ اقليتي معاملن واري وزارت قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 11 آگسٽ تي اقليتن جي قومي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪرڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي ٽڪيٽ ڏياري ۽ سينيٽ ۾ به پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي ڀرپور نمائندگي ڏني ۽ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪابينا ۾ به اقليتي برادري کي سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڏني. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غيرمسلمان شهرين جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ حوالي سان به پيپلزپارٽي جيڪا قانونسازي ۽ عملي قدم کنيا آهن، ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي. آئون ملڪ جي سمورن اقليتن کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي حفاظت ۽ وسيع قومي اتفاق ۽ اتحاد جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.
متعلقہ مضامین
-
SHC orders demolition of structures on state land in Sukkur
-
Chiniot being patrolled through Faisalabad personnel
-
Nurses protest non-regularisation in Karachi
-
Pakistan looks to new tech to curb crop burning and cut smog
-
Chiniot being patrolled through Faisalabad personnel
-
Thar residents protest coalfield waste disaster
-
10gm gold price increases by Rs1,300
-
Tahir Ashrafi calls on UAE ambassador in Pakistan
-
NUST stands among international awardees for GCRF project on Gastroenteritis
-
ABF, Ferozsons Labs donate 17 ventilators to Rescue 1122
-
Tahir Ashrafi calls on UAE ambassador in Pakistan
-
“CPEC is a transformational Project”: Foreign Secretary