اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، ترقي جي حوالي سان منهنجو نظريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي، بلوچستان ۽ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪالهه هن وفاقي وزيرن، آرمي چيف، بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير ۽ حڪومتي آفيسرن سان گڏ گوادر ۾ اهم ڏينهن گذاريو، اسان ترقي، بنيادي ڍانچي ۽ تعليمي منصوبن جي هڪ سلسلي جو سنگ بنياد رکيو آهي جنهن سان علائقي جي تقدير بدلجي ويندي. وزيراعظم چيو ته هڪ اڌ ڪوششن جي باوجود بلوچستان اسان جي گڏيل غفلت جو نشانو بڻيو آهي، ان صوبي ٻين وفاقي اڪائين جي برابر ترقي نه ڪئي آهي جو شرم جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته ترقي جي لاءِ ان جو نظريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي. ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ ڀلائي ئي حقيقي ترقي جي ضامن آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، جڏهن انهن جي ۽ انهن جي ٻارن جي زندگي ۾ بهتر تبديلي ايندي ته اهي ترقي جا مالڪ ۽ حصيدار بڻجي ويندا. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ايندڙ بدترين ٻوڏ دوران هن بلوچستان جي سمورن متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ حالتن جو پاڻ مشاهدو ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب دوران بلوچستان جي نوجوانن سان سندس ملاقات ان دوري جو هڪ اهم حصو هئي. انهن نوجوانن جي چمڪندڙ چهرن کيس يقين ڏياريو آهي ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آهي.
متعلقہ مضامین
-
Eight dead, 11 injured as van falls into ditch in Nowshera
-
ATC extends bail of Ayaz Sadiq, others in protest case
-
ATC extends bail of Ayaz Sadiq, others in protest case
-
GB people have thrown narrative of PDM, Nawaz in dustbin: Shibli
-
ACE to probe 37 politicians for fraud
-
ACE to probe 37 politicians for fraud
-
Sindh CM, two MPAs test positive for Covid as 2,128 new cases surface
-
Moot debates financial inclusion of women in Pakistan’s economy
-
Moot debates financial inclusion of women in Pakistan’s economy
-
Pakistan rejects India’s ‘bland denial’ of dossier on terrorism
-
PTI on top with 10 seats in GB polls; set to form government
-
PHP receives 47 modern vehicles for patrolling