اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب آذربائيجان سان تعاون جي ترجيحي شعبن جي نمائندگي ڪندڙ وزير وزيراعظم جي وفد جو حصو هوندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت تعاون جي اهم شعبن تي وسيع ڳالهه ٻولهه ڪندو جڏهن ته هو گهڻ رخي فورمن ۾ گڏيل ڳڻتي ۽ تعاون جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي سان ڳنڍيل آهن ۽ گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي مٽاسٽا سان مضبوط آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قيادت جي سطح تي لاڳيتي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي اجاگر ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ويجهي گهڻ رخي تعاون ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
متعلقہ مضامین
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
Top army, navy officers visit SC
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
Provision of justice an important component of PTI manifesto: PM
-
LHC allows Faryal Talpur to attend Sindh Assembly session
-
Pakistan urges three world powers to help resolve Kashmir dispute
-
Jail superintendent told to decide on Sanaullah’s plea for homemade food