اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جو ستون اجلاس قيادت کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. قيادت جي سطح تي باقاعدگي سان رابطو ان اسٽريٽجڪ حصيداري جي نمايان خصوصيت آهي.
متعلقہ مضامین
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Jail superintendent told to decide on Sanaullah’s plea for homemade food