اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آدمشماري بابت ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي آدمشماري جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد آدمشماري تي ايم ڪيو ايم جي خدشن کي خاطرخواهه حد تائين ختم ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر فاروق ستار ۽ اڳوڻو سينيٽر مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هو.
متعلقہ مضامین
-
OIC summit on science and technology in December
-
British envoy thanks Pakistan for hospitality in northern areas
-
Criminals taking advantage of face masks to hide identity
-
Aviation Division gets Rs 548.9m funds for projects in first quarter
-
People urged to take part in 3rd phase of Covid-19 vaccine trials
-
Coronavirus positivity rate goes above 2% in Pakistan
-
PM accepts Bajwa’s request to resign from SAPM
-
Goods worth Rs 1.31 billion taken away in robberies
-
Pakistan calls for joint efforts for better health outcomes
-
People appreciate extension in date for payments under Ehsaas programme
-
Pakistan slams unabated Indian state terrorism in Kashmir
-
PTI decides to launch campaign in Sindh to counter PDM