اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف ايران سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، توانائي تعاون، سلامتي ۽ علائقائي استحڪام ۾ بطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تازو ئي پولان گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين جي فعال ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ايراني حڪومت جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا سميت عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ايراني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي صدر ابراهيم رئيسي کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي تاريخي اڳڀرائي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته فلسطين جي والاريل علائقن ۾ اسرائيل پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي اسرائيل فلسطين تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
Ashura observed across Pakistan amid tight security arrangements
-
5.2 magnitude earthquake jolts parts of KP, Islamabad
-
Four major generals promoted
-
72nd death anniversary of Quaid-i-Azam observed
-
Dead nurse found hanging from the ceiling: Gujranwala
-
Illegal constructions go unchecked in city
-
Rs 15 million worth of gold robbed from New Nizam Jewelers
-
Support of 58 countries at UNHRC a diplomatic win for Pakistan: Sarwar
-
NAB committed to arresting corrupt elements: Javed Iqbal
-
Rs 15 million worth of gold robbed from New Nizam Jewelers
-
NAB committed to arresting corrupt elements: Javed Iqbal
-
Four major generals promoted