اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي جي رٽائرڊ پروفيسر جي پينشن بابت وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي عالمي اسلامي يونيورسٽي ۾ 14 سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ پروفيسر کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن جو حصو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صدر قرار ڏنو ته پينشن ڪو انعام نه آهي پر ڊگهي ۽ مسلسل خدمتن تي حاصل ڪئي وڃي ٿي. ايوان صدرجي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻي ۾ يونيورسٽي جي پروفيسر جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ازالي جو يقين ڏياريو. صدر چيو ته قانون کان هٽي ڪري پينشن جي حق کان محرومي يا دير جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. پينشن محنت سان ڪمايو ويندڙ حق آهي جيڪو ملازم کي حاصل هوندو آهي. صدر فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2013ع جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو. فيصلي ۾ سرڪاري ادارن ۽ آفيسرن جي پينشنري/ رٽائرمينٽ فائدن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ غيرضروري دير پيدا نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته ڪا به خلاف ورزي ڏوهاري غفلت ۽ فرضن کان غفلت جي برابر هوندي. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته پينشن معاملن ۾ دير عدالتي نوٽيس ۾ اچڻ تي لاڳاپيل کاتي جي سربراهه کي توهين عدالت جو ذميوار قرار ڏنو ويندو. صدر چيو ته يونيورسٽي وٽ پٺتي هٽڻ جو ڪو قانوني يا اخلاقي جواز نه آهي، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد محتسب جي فيصلي جي تعميل ڪري. پروفيسر ڊاڪٽر علي اصغر چشتي عالمي اسلامي يونيورسٽي ۾ 14 سال بطور فيڪلٽي ميمبر خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو، پروفيسر چشتي قانون ۽ قاعدي موجب علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 2020ع ۾ علامه اقبال يونيورسٽي مان رٽائرمينٽ تي يونيورسٽي کي پينشن شيئر جي منتقلي جي درخواست ڪئي. يونيورسٽي پاران پروفيسر جي حق ۾ خط جاري ٿيڻ جي باوجود پينشن منتقل نه ڪئي وئي. انصاف جي لاءِ پروفيسر وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن پروفيسر جي حق ۾ فيصلو ڏنو. يونيورسٽي حڪمن جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Sarsabz Fertilizer hosts 400 farmers from Swabi, Mardan
-
Government, army and judiciary on the same page, says president
-
Pakistan trashes Indian defence minister’s irresponsible comments
-
Pakistan trashes Indian defence minister’s irresponsible comments
-
385 new Covid-19 cases, 10 deaths across country
-
Sindh hospitals put on alert after heatwave hits Karachi
-
ATC sends Motorway rape case key suspect Abid Malhi on 14-day judicial remand
-
WASL (Water and Sanitation Logistics) Launches its First RO Water Plant in Bagh e Korangi
-
Envoys present credentials to President
-
Panahgahs in Islamabad to be transformed into model facilities
-
Envoys present credentials to President
-
KP govt kicks off renovation of damaged worship places of all faiths