اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي سولر پينل ٺاهڻ جي لاءِ پاليسي کي ترجيحي بنيادن تي حتمي شڪل ڏني وڃي، سرڪاري عمارتن ۾ هزار ميگاواٽ جي منصوبن کي ايندڙ گرمي جي موسم کان اڳ هر صورت مڪمل ڪيو وڃي. اها هدايت هن ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ قدمن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. وزيراعظم تنبيهه ڪئي ته 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا غفلت قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته توانائي جي بچت هڪ قومي فرض آهي ۽ اسان کي ان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي. هن هدايت ڪئي ته هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي ملڪ ۾ رڳو اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن جي پيداوار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، حڪومت ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي بچت جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اجلاس کي سولر آئيزيشن منصوبي تي عملدرآ۾د تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته شروعاتي مرحلي ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن ۾ مجموعي طور تي 1000 ميگاواٽ جا سولر پينل لڳايا ويندا. ان حوالي سان پهرين مرحلي جي بڊنگ جو عمل ايندڙ هفتي شروع ٿي ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي سولر پينلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي سازي جو عمل به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ سولر پينلز جي پيداوار سان واڳيل صنعتن سان پڻ مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان جي پيداوار کي ملڪ ۾ وڌائڻ جي لاءِ پڻ صنعتن کي اعتماد ۾ وٺي هڪ جامع پاليسي ٺاهي پئي وڃي جنهن ۾ تجويز ڏني وئي ته ملڪ ۾ موٽرسائيڪلن کي مڪمل طور تي اليڪٽرانڪ ڪرڻ جي لاءِ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي سمورين صنعتن کي ان تي منتقل ڪيو وڃي جنهن تي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گئس جي بچت جي لاءِ نه رڳو سمورن نئين گيس گيزرز جي پيداوار ڪونيڪل بيفلز سان ڪئي ويندي پر موجوده گيزرز ۾ پڻ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تائين مڪمل طور تي انهن جي تنصيب يقيني بڻائي ويندي. وڌيڪ بجلي جي کپت وارن فلامنٽ/ غيرمعياري پراڻي برقي بلبن جي پيداوار جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته موجوده اسٽاڪ جي کپت کانپوءِ انهن جي پيداوار جي وڌيڪ اجازت نه ڏني ويندي ۽ موجوده ڪارخانن کي گهٽ بجلي جي کپت واري نئين ٽيڪنالاجي جا بلب ٺاهڻ تي منتقل ڪيو ويندو. اهڙي طرح ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارن پنکن جي ڪارخانن کي پڻ جلد نئين ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪيو ويندو ۽ صارفين وٽ موجوده پنکن کي پڻ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. وزيراعظم انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وزير خواجه محمد آصف، خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونن محمد جهانزيب خان، سيد فهد حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
NUML’s Rawalpindi branch opens