اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شمسي توانائي وقت جي اهم ضرورت آهي، معيشت جي بهتري ۽ ٻارڻ جي مد ۾ درآمدي بل ۾ گهٽتائي جي لاءِ شمسي توانائي جو فروغ لازمي آهي، شمسي توانائي تي منتقلي سان سرڪاري ادارن جي بجلي جي بلن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ شمسي توانائي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاونين محمد جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته شمسي توانائي صاف ۽ سستي بجلي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي ۽ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بهتري ۽ ٻارڻ جي مد ۾ درآمدي بل ۾ گهٽٽائي جي لاءِ شمسي توانائي جو فروغ لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نجي سطح تي به شمسي توانائي جي استعمال کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ضروري قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ مهانگي ٻارڻ جي جڳهه تي شمسي توانائي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان فريم ورڪ منظور ڪري چڪي آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي هن مهيني جي پڄاڻي تائين شمسي توانائي جي وڏي پراجيڪٽس جي ٽيرف جو تعين ڪري وٺندي جنهن کانپوءِ متبادل توانائي جي ترقي جي بورڊ پاران سيڙپڪارن کان ٻوليون طلب ڪيون وينديون. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شمسي توانائي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ٽي منصوبا غور هيٺ آهن جن ۾ 1200 ميگاواٽ جو منصوبو ليه ۾ جڏهن ته 600 ميگاواٽ جا منصوبا مظفر ڳڙهه ۽ تريمون ۾ لڳايا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان حوالي سان آر ايف پي ۽ بڊنگ جو ڪم تيز تر ۽ شفاف بڻائڻ جي حوايل سان سمورا لاڳاپيل کاتا ضروري قدم کڻن. اجلاس کي وزيراعظم جي وفاقي حڪومت جي سڄي ملڪ ۾ موجود عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي ويزن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان ماهر ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ سمورن وفاقي ادارن جي لاءِ سينٽرلائيزڊ پروڪيورمنٽ کي اختيار ڪيو وڃي جيڪو موثر ۽ شفاف هجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ شروعات اسلام آباد جي حدن ۾ وفاقي حڪومت جي عمارتن سان ڪئي وڃي ۽ بعد ۾ پوري ملڪ ۾ موجود سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گرمي جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي تي منتقلي سان سرڪاري ادارن جي بجلي جي بلن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي.
متعلقہ مضامین
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Economic growth through infrastructure development
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued