اسلام آباد- 08 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي پائيدار ۽ ماحول دوست گهرن جي تعمير جي حوصلا افزائي لاءِ سازگار پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي، تازي ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي آهي جنهن سان لکين گهر تباهه ٿيا آهن ۽ معيشت کي 1.2 کرب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ گرين هائوسز کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيون پاليسيون ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي ٻوڏ ۽ آبهوا جي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ شهري آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اهو رجحان برقرار رهيو ته مستقبل ۾ 60 سيڪڙو آبادي شهري علائقن ۾ رهندڙ هوندي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته شهرن ۾ بهتر ميونسپل سروسز سان گڏ پائيدار اربنائيزيشن کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن شهري آبادين تي دٻاءُ گهٽ ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ منسٽري آف هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل پهرين انٽرنيشنل هائوسنگ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، جيڪو 8 کان 11 ڊسمبر 2022ع تائين جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري رهندو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي اعزازي مهمان طور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تعميراتي صنعت جو معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي تنهن ڪري هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ حڪومت نجي شعبي جي مشاورت سان تعميراتي صنعت جي بهتر ترقي لاءِ وڌيڪ ساز گار پاليسيون جوڙين. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي سيڪريٽري افتخار علي شانواني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماڻهن کي سستا گهر فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي تنهن ڪري حڪومت نجي شعبي جي تعاون ۾ ان طرف اڳڀرائي ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي آذربائيجان جو سفير خضر فرهادوف، ايٿوپيا جو سفير جمال بيڪر عبدالله، اسپين سفارتخاني جو نمائندو، آءِ سي سي آءِ جي اڳوڻن صدرن، ايگزيڪيٽو ميمبرن، نمائش ڪندڙ ۽ بزنس ڪميونٽي جو هڪ وڏو انگ موجود هو.
متعلقہ مضامین
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Former corps commander found dead near Do Darya
-
Out of total 747 coronavirus cases, 365 are in Karachi alone: NCOC
-
IHC fixes Kulbhushan Jadhav case hearing for Oct 6
-
‘Babri Masjid acquittals another manifestation of Hindutva ideology’
-
Haseena Moin to write a special web-series on breast cancer awareness for the RINSTRA platform.
-
At least 100 restaurants, six marriage halls closed in Karachi for violating coronavirus SOPs: NCOC
-
Health Minister Sindh opposes Pakistan Medical Commission Bill
-
India’s Covid-19 death toll passes 100,000 with no sign of an end
-
Flour prices go up by Rs 2 per kg in Lahore
-
Govt will go to every extent to ensure rule of law: Buzdar
-
Zardari indicted in Park Lane, Thatta Water Supply references