اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنون ۾ دهشتگردن جي ڪارروائي ناڪام بڻائڻ ۽ انهن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪامياب آپريشن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ دهشتگردي جي خلاف اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي قيادت ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قوم وڏيون قربانيون ڏئي ملڪ کي دهشتگردي کان آزاد ڪيو آهي، انهي جذبي سان دهشتگردي جي باقيات کي ملڪ مان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، قوم ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف قربانين کي سدائين ياد رکندي، پوري قوم دهستگردن جي خلاف ڪاررواين تي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر آپريشن ۾ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Army captain martyred in clash with terrorists