اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي باني صدر، شيخ زيد بن سلطان النهيان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو بنياد رکڻ ۾ ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪيو. شيخ زيد بن سلطان النهيان پاڪستان جو باقاعده دورو ڪندو هو ۽ پاڪستان ۾ سماجي شعبي ۾ مختلف فلاحي منصوبن جي مالي معاونت پڻ ڪندو هو، شيخ زيد اسپتال پاڪستان جي لاءِ ان جي خدمتن جو بهترين مٿال آهي، ان جو ان جي فلاحي ڪمن جي لاءِ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ بوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پاڪستان جي مالي ۽ امدادي شين جي صورت ۾ امداد تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. گڏيل عرب امارات جي صدر وزيراعظم پاران مبارڪباد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي شيخ محمد بن زيد النهيان قبول ڪري ورتو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Chinese New Year celebrated at RME
-
Saudi crown prince to visit Pakistan; $14b investment expected
-
By empowering smaller provinces, people’s problems will be resolved faster: NA speaker
-
Huge potential of trade, bilateral cooperation between India, Pak
-
Biometric system boosts efficiency of Landi Kotal hospital
-
Nawaz undergoes medical tests at Services Hospital
-
Heirs of Sahiwal victims threaten protest if judicial commission not formed
-
World Bank stresses to use water efficiently and productively
-
Govt wants Shehbaz to quit as PAC chief