منگلا – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منگلا بجيل گهر جي ريفربشمنٽ جي منصوبي تحت سمورن يونٽ ۾ 50 سال پراڻي مشينري لڳائي پئي وڃي. ريفربشمنٽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منگلا بجلي گهر جي صلاحيت 1000 ميگاواٽ مان وڌي 1310 ميگاواٽ ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ سالانو 5.6 بلين يونٽ صاف، ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت بجلي پيدا ڪئي ويندي. منصوبي جي پهرين مرحلي يعني 10 مان 6 يونٽس جي ريفربشمنٽ تي اٽڪل 90 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم يونٽ نمبر 5 ۽ 6 جي مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪيو. مجموعي طور تي 483 ملين ڊالر جي لاڳت سان جاري ان منصوبي ۾ يو ايس ايڊ پاران 150 ملين ڊالر جي گرانٽ، 90 ملين يورو جو اي ايف ڊي لون ۽ واپڊا پاران 178 ملين ڊالر فراهم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي خاص معاون طارق فاطمي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير الياس، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، آمريڪا جو پاڪستان ۾ سفير ڊونلڊ بلوم، يو ايس مشن ڊائريڪٽر ريڊ ايسچليمين (Reed Aeschiliman) پڻ موجود هو.
متعلقہ مضامین
-
Unity Foods launches new variant of flour
-
Govt re-negotiating IPPs’ contracts in national interest: minister
-
Unity Foods launches new variant of flour
-
Appointment of Shahzad Akbar challenged in IHC
-
Techstirr to help educate deaf children in Pakistan
-
Govt re-negotiating IPPs’ contracts in national interest: minister
-
Govt taking significant steps for combating climate change: Zartaj Gul
-
Crackdown against land mafia in Capital on the cards
-
Chinese president ‘very keen’ to visit Pakistan: FM Qureshi
-
Karachi mayor lashes out at Sindh govt for hindering city’s development
-
Chinese president ‘very keen’ to visit Pakistan: FM Qureshi
-
Federal govt bans organisation named Khatam-ul-Anbiya