اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي لاش جي جلد وطن واپسي جي لاءِ ڪينيا جي عملدارن سان ڪيترين ئي سطحن تي سرگرم عمل آهي، وزيراعظم شهباز شريف ڪينيا جي صدر وليم روٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ضابطي جي ڪاررواين کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ لاش جي وطن واپسي جي درخواست ڪئي آهي. ڪينيا جي صدر ان افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مڪمل جاچ ۽ ميت جي جلد کان جلد وطن واپسي جي خاطري ڪرائي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ۽ نيروبي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ان عمل کي آسان بڻائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان باضابطا طور تي ڪينيا جي حڪومت کي واقعي جي جاچ ڪرائڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ پڻ اسلام آباد ۾ ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن معاملي جي اهميت ۽ ميت جي فوري وطن واپسي تي زور ڏئي سگهجي. ٻئي طرف وقتي پرڏيهي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي معزز ميمبرن کي ان بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Govt eases restrictions on restaurants, gyms, cinemas
-
No locust present in Punjab, Balochistan, KP: NLCC
-
NCOC prepares code of conduct to ensure social distancing, SOPs compliance
-
KP Assembly passes ‘KP Public Service Commission Amendment Bill 2020’
-
KP Assembly passes ‘KP Public Service Commission Amendment Bill 2020’
-
Pakistan facing locust attack from India: Fakhar Imam
-
Usman Buzdar angry over artificial increases in prices of sugar, flour
-
Five dead, three hurt in road accident on Indus Highway
-
NDMA begins large-scale cleaning of Karachi nullahs
-
Most of the desilting work on three sewerage drains completed: NDMA
-
Opening of tourism, business sectors positive move: Shibli Faraz
-
Brig Shujah Hassan appointed as CEO of Pakistan Steel Mills