اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو نظام ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ به موجود نه آهي، هيلٿ ڪارڊ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزيرن ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ تيمور سليم جهڳڙا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي، صحت ڪارڊ ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ پروگرام تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عوام جو وڏو انگ مفت صحت جي سهولتن مان فائدو کڻي رهيو آهي، حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل ضلعن ۾ ٻارن ۾ اسٽنٽڊ گروٿ جي تدارڪ جي لاءِ پروگرام جاري ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي بهتري لاءِ پيدائش کانپوءِ ويڪسي نيشن جي مڪمل ٿيڻ تائين ٻارن جي صحت جي مڪمل مانيٽرنگ ڪئي ويندي، ملڪ ۾ نرسنگ جي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ حڪومت عالمي معيار جي ٽريننگ جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن جي ڪري ملڪ ۾ جنرل ويڪسي نيشن جي شرح 66 سيڪڙو مان وڌي 76 سيڪڙو ٿي چڪي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ ان جي شرح وڌي 91 سيڪڙو ٿي وئي آهي جنهن جي عالمي سطح تي پذيرائي ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ ڪورونا ويڪسي نيشن جي شرح جي حوالي سان پڻ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم بنيادي صحت جي حوالي سان جاري منصوبن ۽ قدمن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal Bhutto should better resolve governance issues in Sindh: Firdous
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
Report on wheat, sugar shortage to address all concerns of opposition, NA told
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi
-
Wedding functions should be packed up by 11:15pm in Hyderabad: govt
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Extension in winter vacation demanded
-
IHC to hear disqualification case against Vawda on March 18
-
Punjab Police continue crackdown on hardened criminals, anti-social elements
-
IHC to hear disqualification case against Vawda on March 18