اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان اچڻ تي سندس مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس اچڻ تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ازبڪ صدر جي مان ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ازبڪ صدر گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم عمران خان معزز مهمان سان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم سان ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو تعارف ڪرايو. ازبڪ صدر وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي بعد ۾ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفا علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ آڻيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. ازبڪ صدر جو پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن سان پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. شوڪت مرزايوف جو تازو دورو ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. ان کان اڳ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو ته وزيراعظم عمران خان ايئرپورت تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ازبڪ صدر کي ٻارن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. ازبڪستان جو صدر پاڪستان جي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن.
متعلقہ مضامین
-
Three-day ‘Pakistan Cultural Festival’ concludes in Dushanbe
-
Around 135 people tested for coronavirus in Sindh: CM
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi
-
Verdict on Mian Tariq bail in judge video scandal toady
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Extension in winter vacation demanded
-
Foodpanda expands its operations to Sahiwal
-
Engro shuts down Karachi offices for three days after employee tests positive for coronavirus
-
Bill seeking Senate polls by show of hands tabled in NA
-
Funeral prayer of martyred Col Mujeeb offered in Astore
-
Afghan army ‘warmly welcomes’ PTM leaders at Torkham