اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پروگرام سرعام جي ٽيم سان جيڪو واقعو پيش آيو ان تي فوري قدم کنيا ويا، واقعي جي ٺوس جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جي ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب چيئرمين فيصل جاويد جي صدارت ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته پيمرا جي قانونن ۾ به بهتري اچڻ گهرجي. ان موقعي تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو ته سنڌ کانسواءِ پوري پاڪستان ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، گذريل اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا ٻڌايو هو ته سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ چاهي ٿي، سندس خاطري جي باوجود اڃا تائين سنڌ ۾ صحت ڪارڊ جاري ناهي ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اسان جا اڪثر فنڪار ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن لاءِ سرڪاري علاج جي ڪا سهولت موجود نه آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪري ڇڏي ته فنڪارن کي تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو.
متعلقہ مضامین
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
Bilawal will become PM in 2018, claims Khursheed
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
Faruqui inaugurates speedy complaint redressal mechanism
-
SBP maintains interest rate at 5.75 percent
-
Indus Hospital commemorates World Diabetes Day
-
Will topple govt if demands not met, PPP warns PML-N
-
Two guards killed in Pasni attack on gas company vehicle