اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها هدايت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، قانون واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي سان ڳالهائيندي ڏني جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ جاري مختلف ترقياتي اسڪيمن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي ڪارڪردگي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Three-day ‘Pakistan Cultural Festival’ concludes in Dushanbe
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
PIA suspends flight operation to Qatar till March 31
-
Opp in NA seeks names of those involved in wheat and sugar crisis
-
Two suspects in MPA Shahnaz Ansari murder case sent on judicial remand
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
Bill moved in NA to set up university at PM House
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
Extension in winter vacation demanded
-
Extension in winter vacation demanded
-
PTCL celebrates International Women’s Day across Pakistan