اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب جي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر سعودي گهرو وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. سعودي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي آزادي جي حوالي سان هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي حڪومت پنهنجي سزا پوري ڪندڙ قيدين جي آزادي تي مثبت انداز ۾ غور ڪندي. صدر ”روڊ ٽو مڪه“ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت ان جي توسيع ملڪ جي ٻين شهرن تائين ڪرڻ جي منتظر آهي. هن او آءِ سي ۽ ايف اي ٽي ايف جي سطح تي اڻٿڪ حمايت سان گڏوگڏ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستان کي مالي مدد فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ صورتحال تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها افغان عوام کي انساني تباهي کان بچائڻ جي لاءِ ضرورت جي لحاظ کان انهن جي مدد ڪري. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. سعودي گهرو وزير ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي ٽيڪنيڪل ٽيمن پاران پاڪستاني قيدين جي معاملي کي حل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن پاڪستان ۾ رهڻ دوران پنهنجي وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر 20 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني ۾ سعودي عرب جي ڪردار ۽ تعاون ۽ خاص طور تي ڪورونا وبا دوران انهن سان انهن جي سُٺي سلوڪ کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
Three-day ‘Pakistan Cultural Festival’ concludes in Dushanbe
-
Bilawal Bhutto should better resolve governance issues in Sindh: Firdous
-
Opp in NA seeks names of those involved in wheat and sugar crisis
-
26 killed as bus plunges into ravine near Skardu
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Two suspects in MPA Shahnaz Ansari murder case sent on judicial remand
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Buzdar reviews measures being adopted against coronavirus
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Buzdar reviews measures being adopted against coronavirus
-
Extension in winter vacation demanded
-
Wedding functions should be packed up by 11:15pm in Hyderabad: govt