اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينر آفيسرن شرڪت ڪئي، نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ خليل هاشمي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ واشنگٽن لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اسان اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اقتصادي سفارتڪاري اسان جي ترجيح ايجنڊا آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو جامع قومي سيڪيورٽي پاليسي جوڙي، اسان جي قومي سيڪيورٽي پاليسي جو فوڪس اقتصادي ترجيحن تي عملدرآمد ۽ اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي آهي، پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سينئر سفيرن پاران سامهون ايندر تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پرڏيهي وزارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري ڊويزن جي جلد قيام جي لاءِ پرعزم آهيون.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal will become PM in 2018, claims Khursheed
-
PEMRA suspends licenses of Din News, Neo TV
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
Security agencies foil terror attempt, recover arms from Chaghai
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
Two killed after house roof collapsed
-
PMs decision on COAS wise: Marriyum
-
Demolishing WASAs Overhead Reservoir
-
Govt generates over Rs 60bn from privatisation of 98 industrial units: report
-
Two guards killed in Pasni attack on gas company vehicle
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang