اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان اڳ احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڌيڪ ٽن شهرن تائين سگهه ڏيڻ جو اعلان اڄ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ذريعي انهن مزدورن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ۽ گهٽ اجرت ورڪرن کي مفت کاڌو ورهايو ويندو جيڪي احساس پناهگاهن ۽ لنگرخانن تائين پهچي نه ٿا سگهن. ورچوئل افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن ۽ پارليامينٽرين سان گڏ فيصل آباد، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪيترين ٽرڪ ڪچنز ذريعي، احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت کاڌي جي مفت فراهمي جي سروس جو افتتاح ڪندو. ان پروگرام تحت هر ٽرڪ مخصوص سروس پوائنٽس تي روزانو 1500 کان 2000 ماڻهن کي کاڌو ورهائيندي. کاڌي جي تياري ۽ فراهمي ٽرڪ ڪچن تان ئي ٿيندي. وزيراعظم احساس تحت 10 مارچ 2021ع تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي ڏينهن ۾ به ڀيرا مفت کاڌي جا دٻا ڏيڻ جي لاءِ ٽرڪ ڪچن جي تصور سان ڪير بکيو نه سمهي پروگرام شروع ڪيو ويو هو. جنهن تحت 37827 ماڻهن کي کاڌو ورهايو ويو آهي. جنهن کي هاڻي وڌيڪ ٽن ضلعن تائين سگهه ڏني پئي وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Russia and Pakistan key stakeholders in Afghan peace: envoy
-
Russia and Pakistan key stakeholders in Afghan peace: envoy
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Talpur, Majeed file review pleas in fake bank accounts case
-
West Indies women outclass Pakistan women by 71 runs in first T20
-
Court delays hearing of Barrister Fahad Malik’s murder case
-
Court delays hearing of Barrister Fahad Malik’s murder case
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador