اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي ۽ ڪا به ڪالعدم تنظيم حڪمران پارٽي کي بليڪ ميل نه ٿي ڪري سگهي، حڪومت مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري رکندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالعدم تنظيم جي منفي پروپئگنڊه مايوس ڪندڙ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪالعدم تنظيم جي مظاهرين جي خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن نوان ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو هو. چوڌري فواد حسين چيو ته مظاهرين پاران اغوا ڪيل پوليس اهلڪارن جي بازيابي جي لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي هئي، ڪنهن کي به حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. تحريڪ انصاف ۾ جهانگير ترين جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته جهانگير ترين اڃا به پي ٽي آءِ جو ميمبر آهي. احتساب جي عمل بابت وفاقي وزير چيو ته احتساب بابت قومي ادارا بنا ڪنهن فرق ۽ آزاداڻي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن.
متعلقہ مضامین
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Sehat Sahulat Program: 15 m families to get health card
-
Asia Bibi free to travel anywhere: FO
-
Pakistan conducts another successful launch of surface to surface ballistic missile “Nasr”
-
Pakistan urges India to stop anti-Pakistan rhetoric in its domestic politics
-
Saudi crown prince to visit Pakistan; $14b investment expected
-
EPD fails to update air quality monitoring system
-
Hamza allowed to travel abroad
-
Abducted neurosurgeon returns home safely after 48 days