اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته بهترين ۽ جديد طبي سهولتن تائين پهچ ملڪ جي موجود هر فرد جو بنيادي حق آهي، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ضروري آهي، صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ هنن چيو ته حڪومت پاران عوام کي صحت جون بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪ ۾ ويڪسينيشن جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هنن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ نئين اسپتالن جي قيام ۽ موجوده اسپتالن جي اپگريڊيشن لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، صحت انصاف ڪارڊ جي بنا فرق جي فراهمي موجوده حڪومت جو سڀ کان وڏو اهم ڪارنامو آهي، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي پاڻ ۾ اختلاف وساري صحت جي شعبي بابت مسئلن جي حل لاءِ جامع پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي.
متعلقہ مضامین
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
Change of command
-
SBP maintains interest rate at 5.75 percent
-
FIR filed for PML-N worker found dead at Chamba House
-
Veterans welcome new COAS, express disappointment towards Western allies
-
Thalassemia test made mandatory before marriage
-
Scam unearthed: ZTBL loans only for Punjabi farmers
-
Chinese find Pakistani furniture unique, aesthetic
-
Entire region to profit from CPEC: GB Governor
-
Dar congratulates Bajwa, Zubair
-
Gen Raheel inaugurates hospital in hometown
-
Dar congratulates Bajwa, Zubair