اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايف بي آر پاران داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. صدر ايف بي آر کي جعلي ٽيڪس ري فنڊ ڪيس ۾ هڪ ڪروڙ 44 لک رپين جي وصولي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وفاقي محتسب ايف بي آر جي علائقائي آفيسن پاران ريفنڊ جي ادائيگي ۾ ڪيل بي ضابطگين جي خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. وفاقي ٽيڪس محتسب ايف بي آر کي جعلي رسيدن جي بنياد تي ادا ڪئي ويندڙ رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. صدر ايف بي آر پاران جعلي دعوائن ۽ جاچ ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر جي عملدارن جعلي رسيدن جي بنياد تي 13 – 2012ع ۾ جعلي رجسٽرڊ پرسن کي هڪ ڪروڙ 44 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ري فنڊ ڪيو، ايف بي آر عهديدارن جي ملي ڀڳت سان رقم واپس ڪئي وئي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي.
متعلقہ مضامین
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
Scam unearthed: ZTBL loans only for Punjabi farmers
-
DPO asks police to strengthen check, balance
-
LSE students win LUMS Dramafest 16
-
Pakistan ready for talks during Amritsar moot
-
Registration of bogus nursing schools revealed
-
Okay general, best of luck
-
LHC stays expulsion of Turkish teachers
-
CDWP approves health projects for persistent diseases
-
India trying every bit to break Kashmiris unity: Yasin Malik
-
Youth need inspiration from Iqbals poetry, says seminar
-
Sartaj Aziz briefs PM Nawaz for upcoming Heart of Asia conference