اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته صدر وفاق جي علامت آهي. آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدر لاءِ ووٽ ڏنو آهي. اڳوڻي صدر پنهنجا اختيار وفاق ۽ صوبن کي منتقل ڪري ملڪ جي استحڪام لاءِ شاندار روايت قائم ڪئي. هن صدارتي چونڊ لاءِ پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ملڪ ۾ قومي، ثقافتي بين النسل هم آهنگي جي روايت جو امين ۽ علامت هوندو آهي. مضبوط صدر مضبوط پاڪستان جي ضمانت آهي. ان ڪري ايم ڪيو ايم آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدارتي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو زرداري اڳوڻي صدر طور پنهنجا اختيار پارليامنٽ ۽ صوبن کي ڏئي تاريخ لکي، جنهن سبب صوبن ۽ وفاق ۾ اعتماد ۽ استحڪام جو رشتو مضبوط ٿيو.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
AMAN-21-The message resonates
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Another minor girl raped in Khairpur