اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ واپار بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته 40 سال اڳ سعودي عرب جي حڪومت پاڪستانين کي شاهه فيصل مسجد جو تحفو ڏنو، هاڻ ان مسجد کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ ان جي رنگ روغن ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي سان گڏ شاهه فيصل مسجد جي دؤري جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. گهرو معاملن وارو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني، ضلعي انتظاميه ۽ سي ڊي اي جا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. گهرو وزير سعودي سفير سان گڏ ظهر جي نماز ادا ڪئي، جنهن کان پوءِ هنن شاهه فيصل مسجد جي مرڪزي هال ۽ وڏي اڱڻ ۾ مختلف هنڌن جو معائنو ڪيو. صحافين ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير چيو ته جڏهن مون گهرو وزارت جو منصب سنڀاليو ته پهرئين جمعي جي نماز شاهه فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. سعودي سفير جو شڪرگذار آهيان جنهن ذاتي دلچسپي وٺندي شاهه فيصل مسجد جي رنگ روغن شروع ڪرايو، هن چيو ته شاهه فيصل مسجد جو شمار پاڪستان جي خوبصورت ترين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته سعودي حڪومت طرفان شاهه فيصل مسجد پاڪستانين لاءِ هڪ تحفو آهي. هاڻ ان مسجد ۾ رنگ روغن شروع ڪيو ويو آهي. گهرو وزير سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز شاهه فيصل مسجد جي رنگ روغن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن، اهو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case