اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر به موجود هئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان جي ڏورانهن جلائقن جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته پٺتي پيل علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن وانگر ترقي جي راهه تي گامزن ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ 2022ع جي شديد ترين ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، متاثر علائقن ۾ جاري بحالي جي ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن انتظامي مدد فراهم ڪندي. ناجي بن حسين وزيراعظم کي عالمي بئنڪ جي بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي ڪمن ۽ جنيوا ۾ عالمي بئنڪ پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اعلان ڪيل امدادي رقم جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي کان تفصيلي طور آگاهه ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
NAVTTC chief hails filmmaking education on gender equality
-
Investment in agriculture critical to food security, says NA speaker
-
PTI to achieve huge success in upcoming Senate election: CM
-
India — a spectacle of ‘Flawed Democracy’ and a graveyard for dissent
-
7,000 faulty meters being billed by FESCO
-
Vaccination drive continues
-
ETPB land to be leased for edu, health facilities
-
GCU VC incentivizes faculty to carry out research to benefit society
-
Claims, counter claims over PML-N Tarar’s ‘detention’
-
Iftikhar Chaudhry: the ‘architect’ of bullying and hooliganism by lawyers
-
Drive against adulteration
-
PPP leader wants legislation for minorities’ rights