اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي، اسان وٽ لامحدود اختيار نه آهن، پنهنجي اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ چاهينداسين، پنهنجي ڪردار اسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسان جو ڪو به فيورٽ نه آهي، سمورين پارٽين کي برابر موقعا ڏيڻ ۽ ان کي يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي کي لڳي ٿو ته ان سان امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن يا عدالت وٽ وڃي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز الاهي کي هڪ ايف آءِ آر تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، ان جي گرفتاري جي حوالي سان پوليس وٽ اختيار هو ته ان کي گرفتار ڪري. هن چيو ته ڪو به سياستدان ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ٿئي اهو سياسي قيدي ناهي هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج جو حق ۽ اظهار راءِ جي آزادي هر ڪنهن کي حاصل آهي، پرامن احتجاج عوام جو حق آهي پر پرتشدد احتجاج ۽ رستا بند ڪرڻ جي گنجائش آئين ۾ نه آهي. چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جا ٻانهن ٻيلي آهيون، آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي جيڪا تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي ان تي چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيندو. هن چيو ته حڪومت جي پاليسين جي وضاحت ضروري هوندي آهي، ڪراچي اقتصادي حب آهي، واپاري برادري سان ملاقاتن جي شروعات نگران وزيراعظم انوارالحق ڪئي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Rashid welcomes PPP’s decision to participate in Senate polls
-
Both Covid-19 and PDM will not exist after first quarter of 2021: Fawad Ch
-
Rashid welcomes PPP’s decision to participate in Senate polls
-
2021 is the year of economic development and growth: PM
-
Balochistan govt launches seven projects to promote tourism
-
“Sholawai” Batkhela suburb area main road closed for a week due to land dispute
-
“Sholawai” Batkhela suburb area main road closed for a week due to land dispute
-
Rs 25bn to be disbursed among youth under Punjab Rozgar Scheme: Hashim
-
Rs 25bn to be disbursed among youth under Punjab Rozgar Scheme: Hashim
-
IHC forms commission against bonded labour
-
791 parliamentarians submit assets’ statements so far: ECP
-
Sindh notifies release of eight terminally ill prisoners