اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو ته جيئن اهڙن واقعن جو خاتمو ٿي سگهي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان مسيحي برادري جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جڙانوالا سانحي تي وقت سر قدم کڻڻ ۽ جڙانوالا جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته سموري رياستي مشينري اقليتن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان انهن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا بنيادي حق حاصل آهن. هن چيو ته جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندوت ه جيئن اهڙن واقعن جو خاتمو ٿي سگهي، اقليتي برادري پنهنجا مسئلا ۽ تجويزون حڪومت تائين پهچائي ته جيئن انهن مسئلن جو ممڪن حل ڪري سگهجي اسان جو آئين ذات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي، مذهبي، سياسي ۽ معاشي حق ڏي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اقليتي برادري پاڪستاني افرادي قوت جو بنيادي حصو آهي جنهن جو پاڪستان جي ترقي ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفد اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ خالد جارج جي بطور انساني حقن واري نگران وفاقي وزير طور مقرري کي خوش آئنده قرار ڏنو. وفد ۾ پنجاب جو انساني حقن وارو اڳوڻو صوبائي وزير اعجاز آگسٽن، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر آسيه انصر، بشپ اندرياس، بشپ سيموئيل ازرايا، بشپ جوزيف ارشاد، بشپ همفري پيٽرز، پاسٽر هنوڪ حشمت، پاسٽر اوليور ضياءَ شامل هئا. ملاقات ۾ انساني حقن واري نگران وفاقي وزير خالد جارج ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Philippines next destination for Pakistani cement
-
Kyrgyzstan to take benefit from Pakistan’s new curriculum, says Kyrgyz Edu Minister
-
Police station on encroached land vacated, SHC told
-
MULTINATIONAL MARITIME EXCERICISE AMAN-2021 CULMINATES WITH THE CONDUCT Of INTERNATIONAL FLEET REVIEW (IFR)
-
Secretary IT lauds E-office implementation in PSEB
-
Secretary IT lauds E-office implementation in PSEB
-
PTI leader Haleem Adil removed from PS-88 constituency
-
Research on household debts vital for policy-making: Experts
-
Flats allotment procedure in LDA City approved as per PM’s vision: Dr. Firdous
-
Research on household debts vital for policy-making: Experts
-
PM thanks overseas Pakistanis for sending $500m through RDA
-
Renovation of Perhaladpuri temple vital to promote interfaith harmony