اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته وزارت تي رهندي ڪوشش هوندي ته ملڪ جي عوام جي خدمت ڪريان، نگران وفاقي وزير مقرر ٿيڻ وڏو اعزاز آهي. اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اسلام آباد جي سول سوسائٽي جا ٿورا مڃيندي چيو ته نگران وفاقي وزير ٿيڻ سندس لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي ۽ سندس اها ڪوشش هوندي ته هو ان منصب سان انصاف ڪندي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري. هن چيو ته کيس وفاقي وزير ٿيڻ سان سول سوسائٽي جيڪا محبت ۽ پيار ڏنو آهي، اهو ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. ان موقعي تي نور هاليپوٽو، عرفان انصاري، سيد فياض شاهه، اشفاق چانڊيو، نصير ميمڻ، قاضي فيض ۽ ٻين نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي نگران وفاقي وزير مقرر ٿيڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan elected as head of UN CCW
-
Lightening kills 17 in Thar as rains lash parts of Sindh
-
Critical thinking a must for healthy debate
-
PML-N is itself holding Nawaz captive: Firdous
-
Pakistan will never fight someone else’s war: PM
-
Pakistanis want Nawaz to go abroad: Gallup
-
Ongoing dispute claims life of villager; four injured
-
Pakistan deploys new vaccine against ‘superbug’ typhoid outbreak
-
Blast in Quetta martyrs two policemen, wounds five
-
Pakistan’s hospitality leader bags Brand of the Year Award
-
COAS lauds performance of Armored Corps
-
Blast in Quetta martyrs two policemen, wounds five