فيصل آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جڙانوالا جي دوري دوران 25 متاثرين ۾ 20، 20 لک رپين جا امدادي چيڪ ورهايا. 16 آگسٽ سانحي تي جن ماڻهن جي گهرن کي نقصان پهچايو ويو هو، انهن متاثرين ۾ چيڪ ورهائڻ جي تقريب دوران عابد مسيح ولد صادق مسيح، رفعت مسيح ولد خوشي مسيح، مارٿن عنائت ولد عنائت مسيح، الياس مسيح ولد صحبند مسيح، ارشاد مسيح ولد برڪت مسيح، ذيشان مسيح ولد ڊينيئل مسيح، شهزاد مسيح ولد گلزار مسيح، نديم مسيح ولد ڊينئل مسيح، پرويز مسيح ولد عنائت مسيح، رضوان مسيح ولد وليم مسيح، عابد مسيح ولد بابر مسيح، سرفراز مسيح ولد انور مسيح، رئوف مسيح ولد بشير مسيح، فيض مسيح ولد سنبل مسيح، شاهزيب مسيح ولد شوڪت مسيح، شفيق مسيح ولد صادق مسيح، جاويد جان مسيح ولد اسلم مسيح، روبن گهوش ولد بوٽا مسيح، سراج مسيح ولد الله دته مسيح، شهزاد انجم مسيح، احسن فضل مسيح، صحت مسيح ولد عاشق مسيح، نثار مسيح ولد فقير مسيح، عامر مسيح ولد خورشيد مسيح ۽ جاويد مسيح ولد حسين مسيح کي امدادي چيڪ ڏنا ويا. اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، ونگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، انساني حقن وارو نگران وفاقي وزير خليل جارج، پنجاب جو گورنر محمد بليغ الرحمان، پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي، چيف سيڪريٽري پنجاب زاهد اختر ضامن، آءِ جي پوليس ڊاڪٽر عثمان انور، ڪمشنر فيصل آباد سلوت سعيد، آر پي او ڊاڪٽر عابد خان، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
متعلقہ مضامین
-
Journalists withdraw plea to lift PEMRA ban on Nawaz speeches
-
Pakistan, US should interact truthfully: Robin Raphel
-
Pakistan employing modern media tools to project heritage of Kashmir: Afridi
-
PAKISTANI AMBASSADOR TO AFGHANISTAN CALLS ON SPEAKER NATIONAL ASSEMBLY
-
Cycling race in Tharparkar
-
Farogh Naseem calls for uniformity of law reforms in federation, provinces
-
Court extends physical remand of Zain Effendi murder accused
-
Pakistan conducts successful test of 2,750 km long range Shaheen-3
-
Weapons, ammo recovered during Bara operation
-
Ehsaas Tahafuz beneficiary eligibility mechanism approved
-
India undermined rights of fair trial of Kashmiri leaders: Munir Akram
-
Ehsaas Tahafuz beneficiary eligibility mechanism approved