اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي جمعي ڏينهن قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هر پاڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قوم جي احساسن ۽ جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪندي قرآن ڪريم جي تقدس جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪندو ۽ سوئيڊن سميت سڄي دنيا تي زور ڏيندو ته اسلام سميت سڀني مذهبن، مقدس هستين ۽ عقيدن جو احترام ڪيو وڃي. ناموس قرآن اسان جي ايمان جو حصو آهي. سوئيڊن سميت سڄي دنيا ۾ ڪٿي به قرآن جي بي حرمتي ڪنهن به مسلمان کي برداشت نه آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا جا سڀئي امن پسند، مذهبي قومون ۽ عالمي ادارا مسلمانن جي دل ڏکائڻ، انهن جي لاءِ مقدس، علامتن جي خلاف نفرت پکيڙڻ، اسلامو فوبيا جا واقعا روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. دنيا کي شيطان صفت ڪردارن جي حوالي ڪرڻ عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. دنيا کي بي امني، نفرت ۽ انتشار جي جهنم ۾ ڌڪڻ کان روڪڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهو ئي پيغام ڏيڻ جي لاءِ سڀاڻي (جمعي ڏينهن 7 جولا) تي قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج به ٿيندو. ريليون ڪڍيون وينديون، هر پاڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي.
متعلقہ مضامین
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Altaf Hussain’s bail extended again in hate speech inquiry
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
ATC issues non-bailable arrest warrants for Aleem Khan
-
PPP MPA Syed Ghulam Shah Jilani passes away