اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب رپيا ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته گڏيل طور تي اهي قدم اسان جي فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ فنڪارن جي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اهو قدم فلمن جي ذريعي پاڪستان جي بيانيي، ورثي ۽ ثقافت جي فروغ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Altaf Hussain’s bail extended again in hate speech inquiry
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
ATC issues non-bailable arrest warrants for Aleem Khan
-
PPP MPA Syed Ghulam Shah Jilani passes away