اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، محصولن لاءِ نوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا. قومي اقتصادي سروي مالي سال 23-2022ع جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ عالمي سطح تي تي جي ڊي پي جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آهي، اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 51 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. عالمي واپار ۾ تقريبن 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جي اثرن کان پاڪستان به متاثر ٿيو آهي. جاري مالي سال ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبي ۾ روانگي واپار کي 4 ارب ڊالرن جي سطح تائين وٺي وڃون. محصولن جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا ڳوليا ويندا. انهن قدمن سان انشاءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
متعلقہ مضامین
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
ATC issues non-bailable arrest warrants for Aleem Khan
-
Top army, navy officers visit SC
-
ATC issues non-bailable arrest warrants for Aleem Khan
-
Top army, navy officers visit SC
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Court permits Zardari to have AC if recommended by medical officer
-
No threat to Sindh if federation issues directives for betterment: Haleem Adil