بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي عراق جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ملڪن ثقافي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا جي خاتمي لاءِ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان کان اڳ عراقي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
متعلقہ مضامین
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Altaf Hussain’s bail extended again in hate speech inquiry
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
No threat to Sindh if federation issues directives for betterment: Haleem Adil
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro