اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت پاران ڪشمير تي ڪوڙي پروپئگنڊه ۽ والاريل واديءَ ۾ تازي جي – 20 اجلاس گهرائي دنيا کي غلط تاثر ڏيڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي امنگن جي ترجماني سان ڀرپور خطاب کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.
متعلقہ مضامین
-
CM Punjab meets Speaker of Punjab Assembly and acting governor
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
Altaf Hussain’s bail extended again in hate speech inquiry
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
Life remains paralysed in IHK for sixth consecutive week
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
Federal minister directs schools not to increase fee by more than 5 percent
-
Provision of justice an important component of PTI manifesto: PM
-
LHC allows Faryal Talpur to attend Sindh Assembly session