اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي موجوده مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني لازمي آهي، سمورن ادارن جي قيادت جي ذميواري آهي ته اهي وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر آفيسرز ليڊرشپ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي ۽ معاشري مان اڻبرابري جي خاتمي جا وڏا چئلينجز درپيش آهن، غربت تي ضابطو آڻڻ، معيشت جي بهتري، آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر ملڪ ۾ درگذر ۽ انسانيت سان محبت جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن سان شديد تڪليف پهتي، ماضي ۾ فيصلاسازي ۾ دير ملڪي ترقي کي روڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ترقي جي لاءِ نوجوانن جي تعليم ۽ هنرمندي تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته ملڪ ۽ عوام کي سائبر خطرن کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجي سائبر صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تعليم ۽ صحت مرڪزي ٿنڀ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي معياري تعليم ۽ صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته تعليمي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي کانسواءِ آن لائين تعليم اختيار ڪري ٻارن کي تعليم ڏئي سگهجي ٿي.
متعلقہ مضامین
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
Italian envoy hails PRCS humanitarian services
-
Court permits Zardari to have AC if recommended by medical officer
-
Jail superintendent told to decide on Sanaullah’s plea for homemade food
-
Pakistan urges three world powers to help resolve Kashmir dispute
-
Bilawal accuses PTI govt of trying to ‘occupy Karachi’