اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي قوم جو اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قوم انهن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 12 مئي جي مسلم باغ بلوچستان دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پاران انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن کي خراج عقيدي پيش ڪندي قوم جي لاءِ خدمتن تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه دوران صدر جون اکيُون ڳوڙهن هاريون ٿي ويون. صدر حوالدار عبدالرحيم، محمد عرفان ۽ نديم اقبال جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اسٽينو ٽائپسٽ غلام فريد ۽ سينيٽر ورڪرز صابر مسيح ۽ شان مسيح جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ فهيم مشتاق ۽ سپاهي سعيد اسلم ۽ طلال جامي جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته شهيد قوم جو اثاثو آهن، قوم انهن جون قربانيون نه وساريندي. هن شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
World now views Pakistan as ‘solution, not problem’: FM
-
International Day for Disaster Risk Reduction
-
Prime suspect in motorway rape case Abid Malhi arrested from Faisalabad
-
PTI is responsible for inflation in the country: Ismail Rahu
-
World now views Pakistan as ‘solution, not problem’: FM
-
PTI is responsible for inflation in the country: Ismail Rahu
-
Prime suspect in motorway rape case Abid Malhi arrested from Faisalabad
-
Preparations underway for launch of Orange Line Metro Rail
-
Buzdar inaugurates land record centres set up across Punjab
-
Buzdar inaugurates land record centres set up across Punjab
-
Government, army and judiciary on the same page, says president
-
385 new Covid-19 cases, 10 deaths across country