اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن کي سخت محنت ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته اها زندگي ۾ ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ يتيم ٻارن جي اعزاز ۾ افطار آجياڻي کي خطاب ڪندي انهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي اندر همدرديءَ، محبت سان گڏوگڏ وڏن جو احترام ڪرڻ جون خصوصيتون پيدا ڪن. هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ يتيم ٻارن سان بهتر سلوڪ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته سخت محنت عملي زندگي ۾ ترقي جون نيون راهون کوليندي. حضور ﷺ جي زندگي سان مماثلت بيان ڪندي صدر چيو ته حضور ﷺ به ٻاروتڻ ۾ پنهنجي والد کي وڃائي ڇڏيو هو. هن هڪ قرآني آيت جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ ٻاروتڻ ۾ رسول ڪريم ﷺ جي يتيمي جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته ڇا هن توهان کي يتيم سمجهي پناهه ناهي ڏني. ان موقعي تي صدر ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن کي ٻڌايو ته ايوان صدر اصل ۾ انهن جو آهي. ان کان اڳ پاڪستان آرفنز ڪيئر فورم جي چيئرمين عبدالشڪور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 15 رمضان المبارڪ کي يتيمن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته 18 جي لڳ ڀڳ فلاحي تنظيمون سڄي پاڪستان ۾ 40 لک کان وڌيڪ يتيم ٻارن جي تعليم، صحت، خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪري رهيون آهن. هن يتيم ٻارن کي پرورش ۾ معاونت جي لاءِ حڪومتي ۽ قومي سطح تي ٺوس ڪوششن تي زور ڏنو ۽ انهن کي پنهنجي زندگين ۾ بهترين ڪارڪردگي جي لاءِ وڌ کان وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Economic growth through infrastructure development
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Primary schools open from today across country
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Pakistan registers protest with Indian diplomat over ceasefire violation
-
Meesha Shafi and eight others booked by FIA cyber crime wing for a defamation campaign against Ali Zafar